SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


North Atlantic Treaty Organization NATO

(click word to listen sound
  • 🔊
  • nɔːθiːst
  • atlantic
  • triːtiː
  • ɔːgənaizeiʃən
  • nato
  • )

From the Dictionary of International Relations:

North Atlantic Treaty Organization NATO

نارٿ ايٽلانٽڪ ٽريٽي آرگنائيزيشن

اتر بحرالڪاهل معاهدي واري تنظيم

هن بين السرڪاري تنظيم جو وجود سرد جنگ جو نتيجو هو. يورپ ۾ سوويت اثر کي ختم ڪرڻ ۽ آمريڪي مفادن کي بچائڻ لاءِ سُست سمنڊ (بحرالڪاهل ) جي اتر ۾ واقع ملڪن هڪ ٺاهه تي صحيون ڪيون، جنهن کي نيٽو چيو وڃي ٿو. ان ٺاهه تي 4 اپريل 1949ع ۾ واشنگٽن ڊي-م سي ۾ صحيون ڪيون ويون. شروع ۾ هي ٺاهه بيلجيم، ڪئناڊا، ڊينمارڪ، فرانس، آئس لينڊ، اٽلي، لڪسمبرگ، هالئنڊ، ناروي، پورچوگال، برطانيا ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيو هو. ترڪي ۽ يونان 1952ع ۾، جرمني 1955ع ۾ ۽ اسپين 1982ع ۾ هن ٺاهه ۾ شموليت اختيار ڪئي. اهو هڪ قسم جو دفاعي ٺاهه آهي، جنهن ۾ هر رڪن ملڪ کي سلامتيءَ جي ضمانت ڏيندي چيو ويندو آهي، ته ڪنهن به رڪن ملڪ خلاف اڳرائيءَ جي صورت ۾ باقي رڪن ملڪ گڏجي ان جي حفاظت ڪندا. نيٽو جي سيڪريٽري ’لارڊ اسمي‘ نيٽو تنظيم بابت دلچسپ تذڪرو ڪندي چيو هو ته: هن اتحاد جو مقصد سوويت يونين کي دُنيا جي اهم هنڌن تان ٻاهر ڪڍي، آمريڪي دخل کي وڌائڻ ۽ جرمنيءَ کي دٻاءَ هيٺ رکڻ هو. البت ”جرمن ڀت“ جي ڪرڻ کان پوءِ هن اتحاد پنهنجو پُراڻو رنگ مٽائي اوڀر يورپ جي ڪيترن پراڻن دُشمنن سان نه رڳو سنگت رکي، پرکين نيٽو جو ميمبر به بڻايو. موجوده دور ۾ عراق ۽ افغان مسئلن جي ڪري نيٽو جو ڪردار نئين سر طئي ٿيو آهي ۽ آمريڪي قيادت ۾ اهو مغربي قومن جو سياسي، فوجي توڙي معاشي طرح ”سرواڻ اتحاد“ بنجي چڪو آهي. پنهنجي قيام کان پوءِ، نيٽو پنهنجي ميمبرن جي تعداد ۾ 7 دفعا اضافو ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ البانيا، بلغاريه، ڪروشيا، چيڪ ريپبلڪ، اسٽونيا، سلاويڪيا، ترڪي، اسپين، ليٽويا، لٿوئانيا، پولنڊ ۽ رومانيا سندس ميمبر بڻيا. ان تنظيم جو مرڪز بيليجم جي شهر ’برسلز‘ ۾ آهي.


Remember Me Also:

ڍٻي

ذ. صفت. حرفتي ، حڪمتي ، اَٽڪَلي ، کيڏارِي ، حاضر تدبير ، گڻن ڀريو ، لائقن وارو ، سُگهَڙُ ، نِپَڻ ، فضِيلت وارو ، کرائتو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal